آل انڊيا مسلم ليگ

آل انڊيا مسلم ليگ:هندستان جي مسلمانن جي پهرين سياسي تنظيم آهي. انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو بنياد 30 ڊسمبر 1906ع تي ڍاڪا جي شاهه باغ ۾ هڪ سياسي جلسي ۾ پيو. اهو جلسو نواب سليم الله خان منعقد ڪرايو ۽ نواب وقار الملڪ ان جي صدارت ڪئي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ نواب محسن الملڪ، سر آغا خان، حڪيم اجمل خان، ميان محمد شفيع، ايم. اي دهلوي، مولانا محمد علي ’جوهر‘ وغيره شامل هئا. هن جلسي ۾ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو ۽ سر آغا خان کي ان جو پهريون صدر ۽ نواب محسن الملڪ ۽ نواب وقارالملڪ کي ترتيبوار سيڪريٽري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو.
30- 29 ڊسمبر 1907ع تي، ڪراچيءَ ۾ هن جماعت جو پهريون ساليانو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ جو دستور منظور ڪيو ويو.
31- 30 ڊسمبر 1913ع تي آگري ۾ ستين سالياني اجلاس جي موقعي تي محمد علي جناح (قائداعظم) هن جماعت جو ميمبر ٿيو.
30- 29 ڊسمبر 1930ع تي الهه آباد ۾ علامه محمد اقبال جي صدارت ۾ ايڪيهون ساليانو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي جاگرافيائي سرحدن جو تصور پيش ڪيو ويو.
12- 11 اپريل 1934ع تي بمبئيءَ ۾ ٿيندڙ چوويهين اجلاس ۾ قائداعظم کي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر بڻايو ويو.
1938ع ۾ ڪراچي سنڌ واري اجلاس ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان بابت ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جيڪو محب وطن سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پيش ڪيو.
23 مارچ 1940ع تي لاهور جي منٽو پارڪ ۾ قائداعظم جي صدارت هيٺ ستاويهون ساليانو اجلاس ٿيو. هيءُ اجلاس اهم ترين اجلاس هو. هن اجلاس ۾ ’پاڪستان جو ٺهراءُ‘ منظور ڪيو ويو، جنهن جي تائيد ۾ اپريل 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ سڀ کان پهرين ٺهراءُ منظور ڪرايو.
آل انڊيا مسلم ليگ جو آخري ساليانو اجلاس 24- 25 ۽ 26 ڊسمبر 1943ع تي قائداعظم جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ٿيو.
14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو وجود ختم ٿي ويو ۽ فيبروري 1948ع ۾ آل پاڪستان مسلم ليگ قائم ٿي ۽ چوڌري خليق الزمان ان جو صدر ٿيو؛ پر جلد ئي هن جماعت جي اها مقبوليت ختم ٿي ويئي ۽ اڳتي هلي هيءَ تنظيم مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. جنرل ايوب خان جي دؤر تائين آل پاڪستان ملسم ليگ جو وجود لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو هو. بعد ۾ مسلم ليگ جي نالي سان ٻيون به ڪيتريون ئي جماعتون وجود ۾ آيون، مثلاً: ڪنوينشن مسلم ليگ، ڪائونسل مسلم ليگ، مسلم ليگ (خيرالدين گروپ)، فنڪشنل مسلم ليگ (پاڳارو گروپ) وغيره.
هن وقت پاڪستان ۾ مسلم ليگ (ق)، فنڪشنل مسلم ليگ ۽ مسلم ليگ (نوازشريف گروپ)، تنظيمي طور ڪم ڪري رهيون آهن، پر وڏي ۾ وڏو گروپ مسلم ليگ (ن) آهي.


لفظ آل انڊيا مسلم ليگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.12.30  عيسوي

آل انڊيا مسلم ليگ جو بنياد 30 ڊسمبر 1906ع تي ڍاڪا جي شاهه باغ ۾ هڪ سياسي جلسي ۾ پيو .



سياسي پارٽيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاڪستان پيپلز پارٽي
انڊين نيشنل ڪانگريس
پاڪستان مسلم ليگ
ايم ڪيو ايم حقيقي
پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو
پاڪستان پيپلز پارٽي شيرپائو
پاپولر يونٽي
پاڪستان مسلم ليگ ق
جماعت اسلامي
آل پارٽيز حريت ڪانفرنس
سياسي پارٽيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون